اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سنڌ جي گورنر ع??ران اسماعيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برساتن کانپوءِ سنڌ صوبي جي صورتحال ۽ خاص طور تي ڪراچي جي معاملن تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن جو مڪمل ا??ساس آهي. ڪراچي کي اڪيلو نه ??ڏينداسين.