اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 613 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آ??ا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪندوران 11 ماڻهو سڄي ملڪ ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا جن??ن مان 10 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس جي ڪري فوت ٿيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 859 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪي?? ويا جن??ن مان سنڌ ۾ 8 هزار 94، پنجاب ۾ 8 هزار 933، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 162، اسلام آباد ۾ 2 هزار 800، بلوچستان ۾ 471، گلگت ??لت??تان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 190 ٽيسٽ ڪي?? ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 72 هزار 128 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا لاءِ مختص ٿيل ه?? هزار 920 وينٽيليٽرز تي 130 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا ايڪٽو ڪي??ز جو تعداد 12 هزار 116 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مرضن جو تعداد 2 لک 90 هزار 445 آهي جن??ن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 212، بلوچستان ۾ 12 هزار 370، گلگت ??لت??تان ۾ 2 هزار 565، اسلام آباد ۾ 15 هزار 412، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 401، پنجاب ۾ 95 هزار 742 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 26 هزار 743 مريض آهن.