اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ملڪ جي سائبر اسپيس کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هي قد?? ملڪي شهرين، ڪاروبارن ۽ سرڪاري ادارن جي آن لائين ڊيٽا جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ڊيجيٽلائيزيشن پاران سفر شروع ڪيو آهي جنهن سان سائبر حملن جا خطرا به وڌي ويا آهن، ان حوا??ي سان ٺوس قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائبر/ انفارميشن سيڪيورٽي بابت ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.