اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏان??ن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سنجيده نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طو??ان معمول جا واقعا بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي بر??دري موسمياتي تبديلين جي مسئل?? تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.