اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن ??لوسن ??ان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن ??ي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪ??ي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن ??و اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت قومي رابط?? ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.