ڪوئيٽا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ??اه?? ٿو، ملڪ دشمن عنصر فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مچ سانحو هڪ وڏي گيم جو حصو آهي، ان تي پورو ملڪ ڏک ۾ آهي، پوري قوم هزاره برادري سان گڏ بيٺل آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، ملڪ جي اندر به فتنو ??کيڙيندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين، هزاره برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا??ين. هن اهرن خيالن جو اظهار مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن ۽ هزاره برادري جي ماڻهن سان ملاقات جي موق??ي تي ڳالهائيندي ڪيو.