اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ انڌيرنگري کي بي نقاب ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، جمهوريت ۽ اظهار راءِ ??و راڳ آلاپيندڙ سنڌ جي مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. سينيٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي ٽائيگر حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. هو عمران خان جو سپاهي آهي، ڪرپشن ۽ نا??نصافي جي خلاف عمران خان جو علم پوري قوت سان کڻي بيٺل آهي.