اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تع??يراتي منصوبن جي حوالي س??ن منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تع??يرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي س??ن قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي س??ن هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي س??راهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي س??ن هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تع??يرات جي حوالي س??ن هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تع??يرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تع??يراتي منصوبن جون درخواستون غ??ر هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.