اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پا??ست??ن جي لاءِ فخر آهي، پا??ست??ن 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، پا??ست??ن پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پا??ست??ن کي اهو اعزاز مليو آهي ته هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ جي ويزن تحت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته پا??ست??ن دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به ??ائدو ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن کان??وء?? هاڻي قومي پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،