اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته ڪشمير کانپوءِ سيالڪوٽ به (ن) ليگ جي بياني کي دفنائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ عمران خان سان محبت ڪندڙن مريم صفدر سميت سڄي مافيا جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ورڪرن جي جوش ۽ ول??لي کي خصوصي سلام پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??ه 165 مان 112 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان اليڪشن کٽي ر??ي آهي. هن چيو ??ه سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي محنت واکاڻ جوڳي آهي.