اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن افعانستان، پاڪستان ??ي مفاد ۾ آهي، افغانستان ??ي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ان ??اريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته افغانستان پاڪستان ??و ڀائر ملڪ آهي، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ افغانستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چ??و ته پاڪستان ??ي ڪوشش آهي ته افغانستان ??ي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا افغانستان ??ي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چ??و ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??فغانستان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان ??ورتحال ۾ افغانستان ??ا ماڻهو تر??ي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان ??هو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان ??و حصو بڻايو آهي، افغاني هتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چ??و ته پاڪستان ??ي موجوده حڪومت ۽ عمران ??ان ??فغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چ??و ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ??ي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چ??و ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چ??و ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آهن، افغاني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آهن، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چ??و ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پاڪستان ??ي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ افغانستان ??و اهم ڪردار آهي، پاڪستان ??ن ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چ??و ته افغان ميڊيا تي امن افغانستان ??ي حوالي سان پاڪستان ??ي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان ??هو ملڪ آهي جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، افغانستان ۾ لڳل باهه جا ش??لا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا آهن، هن چ??و ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.