اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي افغ??نس??ان جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن افغ??نس??ان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي. هن ??ن اميد جو اظهار ڪيو ته افغ??ن اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغ??نس??ان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي ي??يني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغ??نس??ان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ افغانين کي معاشي معاونت جي فراهم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغ??نس??ان لاءِ افغ??نس??ان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي افغ??نس??ان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ افغ??نس??ان جي حو??لي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.