اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعت ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي پڻ ان حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو آهي، فيڪ نيوز وڏو چئلينج آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڪانٽريڪٽ تي عملدرآمد مسئلو آهي، پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس نه آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هجي ها ته مشاورت نه ڪريون ٿا، وار آف اوپينيئن ۽ عيرروايتي جنگ لاڳو ٿي چڪي آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب ڪميٽي کي ٻڌاي?? ته پي ايم ڊي اي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي. هن ٻڌاي?? ته اي يو ڊس انفوليب 750 جعلي ويب سائيٽس کي بي نقاب ڪيو، ناليوارين شخصيتن جا جعلي اڪائونٽس ٺاهي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چي?? ته سمورين ڌرين کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيون ٿا ته پي ايم ڊي اي سان اظهار راءِ جي آزادي تي ڪا پابندي نه لڳندي. مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چي?? ته باقي ??لڪ?? وانگر فيس بڪ، ٽوئيٽر، نيٽ فليڪس، يوٽيوب ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم جون آفيسون پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ گهرجن، نئين ايڊورٽائيزنگ پاليسي ۾ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪي پي آءِ ڊي سان رجسٽرڊ هوندا انهن کي سرڪاري اشتهار ملي سگهندا. هن ٻڌاي?? ته ميڊيا ڪمپلي??ٽ ڪائونسل ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواست جو 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان جي خلاف ميڊيا ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهبو، هتي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهندو. هن چي?? ته ماضي ۾ اهڙيون روايتون نه هيون، ڪنهن به قانون جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پ??ش ڪرڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن ويندو هو. هن چي?? ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، ان اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، سينيٽ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جا ميمبر پي ايم ڊي اي تي پنهنجي پارٽي قيادت کي ٺوس بريفنگ ڏين. هن چي?? ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن. مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چي?? ته ايم ڊي اي ۾ صحافين جي تربيت ۽ تحقيق کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، پي ايم ڊي اي ٺاهڻ سان فنانشل بجيٽ ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري ادارا هڪ ڇت هيٺ اچي ويندا، بنيادي طور تي ٻه آپشن هئا، ميڊيا بابت سمورن قانونن ۾ ترميمون ڪيون وڃن يا هڪڙو ئي قانون آندو وڃي.