اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو ??ڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري رهي آهي، ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪ??هي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي م??يار جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو ??يندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو ??يندو. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پناهگاهن جي تعمير جو ڪ?? هڪ سال جي م??ي ۾ مڪمل ڪيو ??يندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاهن کي م??اشي طور تي م??تحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي م??مت جو ڪ?? به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ??يندو. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.