اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو، پوري ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، اس??ام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ٿيندي. و??ير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ 12 ربيع الاول جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ و??ير??عظ?? کي 12 ربيع الاول جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، شفقت محمود، خاص معاونين شهباز گل، عثمان ڊار، سينيٽر فيصل جاويد، قومي اس??مبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر عمران اس??اعيل، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.