اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميا??يو?? حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ ق??م کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجي??ل تعاون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميا??يو?? حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي ??سڪ??ز هيستائين 10 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ ق??م کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجي??ل تعاون وڌائڻ ۽ گ??يل تجربن مان سکڻ جي لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجي??ل تعاون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪندڙ ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي.