اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب معمول جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان ??وقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنم??ئي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان ??وقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنم??ئي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.