اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اختلاف راءِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ ??ه اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اختلاف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪ??يم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪ??يم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ??ڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ??يو سنت رسول ﷺ، جيڪو ??ه انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اختلاف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون جو فروغ اختلاف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪ??يم ﷺ جي تعليمات موجب اختلاف راءِ جي آداب کي سامهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪ??هه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪ??ه معاملن ۾ اختلاف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪ??يم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي اختلاف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اختلاف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ ??ه اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪ??يم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اختلاف راءِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.