ڪراچي – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ صنعتڪاري کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي اهو ئي سب آهي ته موجوده حڪومت صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪلز PVC-III جي گورنر هائوس ۾ منعقد افتتاحي تقريب ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته حڪومت بنيادي طور تي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي ڌيان ڏنو آهي. عمران خان چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ ملڪ جي آبادي به وڌي جنهن جي نتيجي ۾ وسيلن جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، آبادي ۾ اضافي جي ڪري ملڪ اهي شيون درآمد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو جيڪي پهرين ڪڏهن درآمد نه ڪيون ويون، موجوده حڪومت ملڪ جي زرعي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري ره??و آهي، بدقسمتي سان گذريل دورن ۾ ملڪ جي صنعتي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ روانگي و??پار کي فروغ ڏنو وڃي ها ته جهڙي طرح موجوده حڪومت ان شعبي کي مراعتون ڏنيون آهن ته ملڪ کي معاشي بحران جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪي روانگي و??پار ۾ زبردست ۽ تاريخي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ درآمدات جي متبادل تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ درآمدات کي گهٽ ڪرڻ تي به ڀر??ورڪم ڪري ره?? آهي، ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ، وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، وفاقي و??ير اسد عمر، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، صوبائي اسيمبلي ميمبر، مشهور ڪاروباري شخصيتون ۽ اينگرو جا سينئر آفيسر به موجود هئا.