گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??زم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي ??لاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ??فيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي ??طاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابط?? رستن کي بهتر بڻائڻ جي ??رورت آهي، علائقائي رابط ۽ واپار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان ج?? رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسان جي معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي ??لاف اسان جي ??ڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي ??لاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??موري فورسز ملڪ جي ??فاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آهن، ب??لجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي ??لاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.