اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گو پيٽ??ول??م ڪمپني پاران پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافي تي رضامندي ظاهر ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي اپيل تي لبيڪ چوندي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافي تي رضامندي ظاهر ڪرڻ تي آئون گو پيٽ??ول??م جو ٿورائتو آهيان. ??ن ٻين ڪمپنين کي به گذارش ڪئي ت?? ان مثال جي پيروي ڪن.