اسلام آباد – 15 فيب??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر حڪومت ڪيرائڻ جون 13 ڀيرا ناڪام ڪوششون ڪيون، اسان کي عدم اعتماد جي رٿ نه، اهي ماڻهو جيلن ۾ نظر اچي رهيا آهن، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز پاڪستان جي اونداهي علامتون ??هن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي، اهي ماضي جا ماڻهو آهن، وفاقي ڪابينا اهم شخصيتن خاص طور تي عورتن تي الزامن ۽ انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي گهٽيا الزام هڻڻ جي سلسلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي تدارڪ جي لاءِ قانونسازي تي زور ڏنو آهي، ڪابينا عالمي ڪمپني پيوجيوٽ کي پاڪستان ۾ گاڏين جي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون گاڏيون ٽيسٽنگ جي لاءِ درآمد ڪرڻ ج?? ا??ازت ڏيڻ کانسواءِ انساني همدردي جي بنياد تي 34 هزار 500 ميٽرڪ ٽن مڱ دال ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان برآمد ڪرڻ، سعودي عرب سان 821.8 ملين ڊالر قرضن جي ملتو?? ا??ائيگي جي معاهدي جي منظوري ڏني، 2027ع تائين مجموعي طور تي اٽڪل چار ارب ڊالر جون ??دائيگيون ملتوي ٿي وينديون ??يڪي ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ڪري سگهبيون، ڪابينا وفاقي حڪومت جي گريد 1 کان 19 تائين جي ملازمن ۽ ايف سي ۽ رينجرز جي لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپيريٽي ريڊيڪشن الائونس 2022ع جي منظوري ڏني آهي. وفاقي ڪابينا ج?? ا????اس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيند?? ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ج?? ا????اس ۾ وفاقي وزير علي حيدر زيدي جي والد، خاص معاون ??انيه نشتر جي والده ۽ قوم?? ا??يمبلي ميمبر خيال زمان مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي حڪومت ۽ اعليٰ عدليه جي وچ ۾ ملڪي معاملن تي مشاورت ڪرڻ جي لاءِ فورم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان فورم جي موجودگي ۾ اهم انتظامي معاملن ۾ غيرض??ور?? التوا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهم التوا هيٺ معاملن ۾ ٽيڪس جي ڪيسن، سيڙپڪاري، انتظامي مقررين ت?? ا??ٽي آرڊر جهڙا اهم ڪيس شامل آهن جن جي ڪري ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان کڻڻو پوي ٿو. هن وقت ايف بي آر جي 300 ٽريلين رپين ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي 250 ارب رپين جا ڪيس مخلف عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن، جيڪڏهن اسٽي آرڊرز جو مدو مقرر ڪيو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جو فائدو ٿيندو. هن ٻڌايو ته اها تمام وڏي رقم آهي، ان جي ڪري انتظامي بحران پيدا ٿي ويو آهي. ان تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته قانون واري وزير کي چيو آهي ته هو چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز سان اهو معاملو اٿاري. اميد آهي چيف جسٽس آف پاڪستان جو ان معاملي تي سنجيده موقف ايندو، اسان چاهيون ٿا ته اهڙي طرح جو هڪ سيٽ اپ ٺهي جنهن ۾ وڏن فيصلن تي حڪومت ۽ ادارن ۾ مڪمل يڪجهتي هجي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي گڏ کڻي هلي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ڪنهن اداري سان جهيڙو نه ٿو ٿئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي گهرايو ته هو اڌ ڪلاڪ ۾ سپريم ڪورٽ پهچي ويو جڏهن ته ماضي ۾ هڪ وزيراعظم کي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪيو ويو ته هو عدالت تي حملي آور ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته 2027ع تائين 4 ارب ڊالر ري شيڊيول ٿيا آهن، ان ۾ پيرس ڪلب ۽ نان پيرس ڪلب ٻئي شامل آهن. هن ٻڌايو ته هيستائين پاڪستان ۾ اٽڪل اڍائ?? ا??ب ڊالر کان وڌيڪ جي ويڪسين بلڪل مفت لڳرائي وئي آهي. هن ياد ڏياريو ته سنڌ جي وڏي وزير چيو هو ته اسان ويڪسين گهرائينداسين ۽ لڳرائينداسين پر اڪنامڪ افيئرز ڊويزن جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو آهي ان موجب سنڌ حڪومت هڪ ڊالر جي ويڪسين به ناهي گهرائي، سڄي ويڪسين وفاقي حڪومت پاران سنڌ ڏانهن وئي آهي ان جي باوجود ڪراچي ۾ ويڪسين لڳڻ جي شرح باقي شهرن جي مقابلي ۾ متاثر ڪندڙ نه آهي، انهي جي ڪري ڪراچي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿ?? ا??ي ويڪسي نيشن ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اٽڪل 725 ملين ڊالر ويڪسين خريد ڪرڻ جي لاءِ اسان کي مليا آهن، باقي مختلف ذريعن سان حاصل ڪيا آهن، اڍائي بلين ڊالر کان وڌيڪ ويڪسين درآمد ڪر?? ا??ان لڳائي آهي انهي جي ڪر?? ا??ان جو خسارو مٿي ويو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ري پول چونڊ نتيجن تي وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني آهي. ري پول ۾ تحريڪ انصاف جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي اها خوش آئنده آهي. هن چيو ته انهن اليڪشنز مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آهي ته ايندڙ چونڊون ??ي وي ايم تي ڪرائڻ ض??ور?? آهي. هن چيو ته پشاور ۽ ڊيره اسماعيل خان جي چونڊن ۾ ووٽ رد ٿيڻ جي شرح کٽڻ ۽ هارائڻ واري مارجن کان وڌيڪ آهي. اي وي ايم ۾ ووٽ رد نه ٿو ٿي سگهي، ان جي ڪري اي وي ايم ايندڙ چونڊن جي لاءِ تمام ض??ور?? آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اڳ ۾ به چيو آهي ۽ وري چوڻ چاهيون ٿا ته اها اي وي ايم جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميديا ۽ ڪجهه ٽي وي چينلز تي غيرمهذب زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا پاڪستان جي سنجيده طبقي جي لاءِ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. ان جي لاءِ قانونسازي تمام ض??ور?? آهي ۽ ان ڏس ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اهم شخصيتن خاص طور تي عورتن تي الزامن ۽ انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي گهٽيا الزام لڳائڻ جي سلسلي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قانونسازي تي زور ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش ت?? ا??ٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان منظوري کانپوءِ بورڊ ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمين، ڪامرس واري وزارت، صحت واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جا نمائندا بطور سرڪاري ڊائريڪٽرز شامل هوندا. ان کانسواءِ ناليواري اقتصاديات جي ماهرن همايون ??شير، محترمه پوروسدوا، معين فواد ۽ انور منصور خان بطور خودمختيار ڊائريڪٽرز شامل هوندا. هن چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي عالمي ڪمپني Peugeot کي پاڪستان ۾ گاڏين جو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ ان ڪمپني جون گاڏيون ٽيستنگ جي لاءِ درآمد ڪرڻ ج?? ا??ازت ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي ميسرز ٽريڪوم ونڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ کي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ 50 ميگاواٽ ونڊ ٽربيون منصوبو لڳائڻ جي لاءِ ٻه وڏيون ڪرينون ??رآمد ڪرڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ هڪ ڀيرو ڇوٽ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي انساني همدردي جي بنياد تي 34500 ميٽرڪ ٽن دال مڱ ورلڊ فوڊ پروگرام تحت افغانستان برآمد ڪرڻ ج?? ا??ازت ڏني. هن چيو ته ڪابينا سعودي عرب سان 821.80 ملين ڊالر قرضن جي ملتو?? ا??ائيگي جي معاهدي جي منظوري ڏني. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته 2027ع تائين مجموعي طور تي اٽڪل 4 ارب ڊالر جون ??دائيگيون ملتوي ٿي وينديون ??يڪي ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ڪري سگهبيون. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ملڪ جي معاش?? ا??تحڪام جي لاءِ جاري ڪيل عالمي بانڊز جي مدي ۾ توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا هدايت ڪئي ته انهن بانڊز کي انتظامي ۽ اداراجاتي تحفظ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ قانون واري وزارت مشاورت ڪن. ڪابينا ڊاڪٽر نويد حامد کي وڌيڪ ٽن سالن جي لاءِ مانيٽري پاليسي ڪميٽي تي بطور ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا سيد جاويد حسن کي سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڌيڪ 3 سالن جي لاءِ چيئرمين بورڊ آف مئنيجمينٽ نيوٽيڪ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان جي پهرين ڊيجيٽل ڪلائوڊ پاليسي جي منظوري ڏني. اها پاليسي سرڪار?? ا??ارن ۾ ڊيجيٽل ڊيٽا جي عالمي معيار موجب هڪ جاءِ تي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ان پاليسي جي ڪري ملڪ ۾ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي لاءِ افرادي قوت جي تربيت، اهم پاليسي سازي جي لاءِ ڊيٽا جو وقت سر استعمال، وسيلن جو موثر استعمال ۽ ڊيجيٽل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2022ع جي مسودي ج?? ا??ولي منظوري ڏني آهي. ان قانون ??ي ڪري ذاتي معلومات تائين پهچ، استعمال، درستگي ۽ غلط استعمال کي روڪڻ جي لاءِ شهرين کي تحفظ حاصل هوندو. ڊيٽا پروٽيڪشن جو عالمي ضابطو ۽ اصول ان بل جو حصو هوندا. اهو مسودو قانون ??ابت ڪميتي ڏانهن موڪليو ويندو. هن ٻڌايو ته گهرو وزارت پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ شهرين جي واپسي جي حوالي سان معاهدي بابت رپورٽ پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان مقصد جي لاءِ گهرو معاملن، پرڏيهي معاملن، انساني حقن وارن وفاقي وزيرن ۽ احتساب واري صلاحڪار تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ان ڪميٽي سفارشون ??وڙي ڇڏيون ??هن جيڪي پرڏيهي وزارت جي حتمي مشاورت کانپوءِ برطانيا حڪومت ڏانهن موڪليون وينديون. هن چيو ته ڪابينا قوم?? ا??پورٽس پاليسي 2022ع جي منظوري لاڳاپيل وزير جي بيمار هجڻ سبب ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪابينا قانون واري وزارت جي سفارش تي لاء اينڊ جسٽس ڪميشن ۾ مقررين جي منظوري ڏني. ڪميشن ۾ جسٽس (ر) ميان محمد اجمل، جسٽس (ر) فيصل عرب، جسٽس (ر) محمد سير علي ۽ سينيئر ايڊووڪيٽ سيد اياز ظهور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته ڪابينا فيڊرل سروسز ٽربيونل ڪئمپ آفيس ڪراچي جي نئين عمارت جي تعمير جي لاءِ ڪراچي صدر ۾ موجود پاڪستان سيڪريٽريٽ آرٽلري ميدان ۾ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي 100 (Remdesivir ايم جي) جي وڌ کان وڌ ريٽيل پرائس 3967.34 رپين مان گهٽ ڪري 2308.63 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته ڪوويڊ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان انجيڪشن جي قيمت تمام گهڻي وڌيڪ هئي پر هاڻ?? ا??ان ان انجيڪشن جا وڏا ايڪسپورٽر آهيون. اهڙي طرح 26 فيب??ور?? 2019ع تي جڏهن ڪوويڊ جو پهريون ڪيس آيو هو ته ان وقت اسان ڪجهه به نه تيار ڪري رهيا هئاسين، هاڻي پاڪستان پوري دنيا ۾ ڪوويڊ مٽيريل فراهم ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۾ ايڪٽو فارماسيوٽيڪل انگريڊينٽ (اي پي آءِ) صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ض??ور?? قدم کڻڻ جي منظوري ڏني آهي. انهن قدمن سان دواسازي سيڪٽر ۾ عالمي معيار سان هڪ جهڙائي، تحقيق، قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ دستيابي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ ج?? ا??ولي منظوري ڏني ۽ قانون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، انهن قانونن ۽ عدالتن جي قيام سان سمنڊ پار پاڪستانين جا ملڪيتي ڪيس جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا باسڪا بلاڪ ۾ چائنا شنهوا آئل جي ورڪنگ انٽرسٽ اينڊ آپريٽر شپ جو 33.5 سيڪڙو حصو پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا برگيڊيئر (ر) توفيق احمد کي ايم پي – 1 اسڪيل ۾ ڊائريڪٽر جنرل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس (اين آئي اي) جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا آڏو قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي سالياني رپورٽ مالي سال 21 – 2020ع پيش ڪئي وئي. ڪابينا ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ بابت ڪميٽي جي 27 جنوري 2022ع تي منعقد اج??اس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. انهن فيصلن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پپري جو مخصوص فريٽ ڪوريڊور، ريلوي واري وزارت ڪراچي ۽ پورٽ جي لاءِ گيم چينجر پراجيڪٽ آهي، ان کانپوءِ ريلوي کي پورٽ جي اندر تائين پهچ ملندي ۽ ڪنٽينرز ک?? ا??ٽور ڪرڻ جي لاءِ نئون پراجيڪٽ ٺاهينداسين. هن چيو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارا ڪميٽي جي 5 ۽ 12 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. انهن فيصلن ۾ انڊسٽريل فيسلٽي ٽيشن سينٽر (آءِ ايف سي) ۽ پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (پي آءِ ڊي سي) جو صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ انضمام به شامل آهي. هن چيو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارا ڪميٽي جي 26 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اج??اس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. انهن فيصلن ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي نيشنل هيلٿ انفارميشن ريسورس سينٽر (اين ايڇ آئي آر سي) جي تحليل به شامل هئي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 9 فيب??ور?? 2022ع تي منعقد اج??اس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جي اي پروڪيورمينٽ پراجيڪٽ جي لاءِ 555 ملين رپين جي فنڊز جي ريليز شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام تحت هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي دوران 8.190 ارب رپين جي فنڊز جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ، ٽيڪسٽائيل اينڊ اپيرل پاليسي 25 – 2020ع جي حوالي سان ڪابينا جي اي سي سي جي لاءِ امپلي مينٽيشن رپورٽ شامل آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي حڪومت جي گريڊ 1 کان 19 تائين جي ملازمن ۽ ايف سي ۽ رينجرز جي لاءِ 15 سيڪڙو ڊسپيريٽي ريڊيڪشن الائونس 2022ع جي منظوري ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين ڪرڻ ناڻي واري وزارت ۽ پيٽروليم واري وزارت جو ڪم آهي، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان کي عالمي منڊي مان پيٽروليم مصنوعات خريد ڪرڻيون پون ٿيون، عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌنديون ??ه هتي به قيمتون وڌنديون، قيمتن کي گهڻي دير تائين وڌڻ کان روڪڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٽن سالن ۾ 13 ڀيرا حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪي آهي. مولانا فضل الرحمان، بلاول، مريم ۽ شهباز شريف پنهنجي بار هيٺ پاڻ دٻيل آهن، انهن ۾ سگهه نه آهي ته اهي حڪومت کي هٽائي سگهن. هن چيو ته فضل الرحمان پاڪستان ۾ حڪومت ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو، 1100 کان وڌيڪ سيٽن تي پاڪستان ۾ اليڪشن ٿئي ٿي ۽ جي يو آءِ رڳو 60 کان 70 سيٽن تي اليڪشن وڙهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ به ڊويزن جي سطح جون پارٽيون ??هن، عمران خان چيو هو ته اهي سڀ چور گڏ ٿي ويندا. انهن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد رڳو پنهنجي ڪيسن ۾ ريليف حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ قرارداد قوم?? ا??يمبلي ۾ پيش ڪرڻ وڃي رهيو آهي ته جيئن انهن جي خلاف ڪيس لائيو ڏيکاري سگهجن ۽ ماڻهن کي خبر پوي ته ڪهڙي طرح مقصود چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽس مان اربين رپيا شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا. اهو تمام ض??ور?? آهي ته اهو ڪيس هلي ۽ اسيمبلي ۾ ان تي بحث ٿيندو ته اهڙا ڪيس لائيو ڏيکارڻ گهرجن يا نه. هڪ ٻئي سوال ت?? ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز جي معاملي تي شروع کان چئي رهيو آهيان ته اهو پاڪستان جو تمام وڏو مسئلو آهي پر هاڻي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته گڏيل قومن پاڪستان ج?? ا??پانسرڊ قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ فيڪ نيوز کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سطح تي اهڙي قسم جي قرارداد اچڻ وڏو خوش آئنده آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي پاران عورتن جي تضحيڪ تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪڏهن به سامهون ناهي آئي، اهو مسئلو (ن) ليگ سان آهي، اهي اهڙي قسم جي گندگي پکيڙين ٿا، (ن) ليگ ان کان اڳ نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد بابت به مهم شروع ڪري رکي هئي، هاڻي ٻيهر مريم نواز هڪ اهڙي شخص جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪيو جيڪو سڄي مهم ليڊ ڪري رهيو هو، مريم نواز پاڻ به عورت آهي، کيس اهڙي قسم جي مهم کي سپورٽ نه ڪرڻ گهرجي، ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان کيس پاڻ کي ٿيندو. هن چيو ته ميڊيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آهن جن جي لاءِ مسئلا آهن، انهن کي اهڙي قسم جون مهمون هلائڻيون پون ٿيون پر جڏهن جوابي ردعمل ايندو ته ان تي انهن ماڻهن کي تڪليف ٿيندي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي معاشري جي قدرن کي سامهون ??کڻ گهرجي ۽ ان موجب هلڻ گهرجي، اسان اهڙيون مهمون ??روع ڪرڻ وارن ماڻهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي سگهه نه آهي، مخالف ڌر حڪومت هٽائڻ جي 13 ڀيرا ناڪام ڪوشش ڪري چڪي آهي پر ڪامياب نه ٿي سگهي، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز، شهباز شريف پاڪستان جي اونداهي علامتون ??هن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي، اهي ماضي جا ماڻهو آهن، بلاول ۽ مريم نواز کي ڪراچي ۽ لاهور جي ميئر جي چونڊ وڙهي سياست شروع ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم بڻجن هڪ ڊگهي جدوجهد جو نالو آهي، ان جي لاءِ انهن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهباز شريف جا ڪيسز اسان لائيو ڏيکارڻ چاهيون ٿا، هن وقت برطانيا جي سپريم ڪورٽ به پنهنجا سمورا ڪيسز سڌوسنئون ڏيکاري رهي آهي ان لاءِ عدالتن کي مسئلو نه ٿيندو.