اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??، بلوچستان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون نوابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ ا??هن جي پنهنجي گهرن ڏا??هن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.