اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پاڪستان آسٽريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آسٽريا پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪر??ن جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چيو ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ ??وري تي آيل واپار??ن جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غ??ض سان پنهنجي پاڪستاني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ڳالهيون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ ??هي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊ??ن جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪر??ن جي وچ ۾ ڳاله??ن جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگ??ن جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته روس ۽ يوڪر??ن جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جا يوڪرين سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان عالمي قا??ونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين ر??ي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پاڪستان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي يوڪرين کي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپار??ن جي وفد سان گڏ ??يو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي شهر??ن جي واپسي ۾ تعاون تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته يوڪر??ن جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.