اسلام آباد – 27 – مارچ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پريڊ گ??ائونڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جلسي جي عالمي ڪوريج ٿي ر??ي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن وقت پاڪستان ج?? سموري ميڊيا پريڊ گ??ائونڊ ۾ ڪوريج جي لاءِ موجود آهي، عالمي ميڊيا جا 43 کان وڌيڪ نمائندا پريڊ گ??ائونڊ جلسي جي ڪوريج جي لاءِ هوندا. امر بالمعروف جلسي جي عالمي ڪوريج ٿي ر??ي آهي. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن پي ٽي آءِ جي سمورن ورڪرز کي اپيل ڪئي ته ميڊيا جي ڪارڪنن، رپورٽرز ۽ عملي کي ڪم ۾ سهولت ڏين. دنيا کي ميڊيا جي اک سان ئي هي عظيم جلسو ڏسڻو آهي ۽ سمورا ميڊيا چينلز ۽ ورڪرز اسان ج?? لاءِ اهم آهن. جمهوريت جو حسن اهو به آهي ته اسان تنقيد به برداشت ڪريون.