اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ جون نظ??ون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. انهن خيال?? جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان نٿا چاهيون هڪ تڪراري اليڪشن ٻيهر ٿئي، چاهيون ٿا ليول پليئنگ فيلڊ هجي، اسان بار بار واضح ڪيو آهي ته چونڊ سڌارا هجڻ گهرجن، اسانکي اهو قابل قبول نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ چونڊن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي چونڊ سڌارا ڪريون، چونڊ قانونن ۾ ترميم ڪري اسان اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ڪيو ويو، آئيني حقن کي سلب نه ڪيو وڃي، ان رواج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شيري رحمان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، ??نجن ڏينهن کان سڄو ملڪ معطل آهي، ??اڪستان جي آئين کي انصاف گهرجي، اهو عوام جو ڪيس آهي، سڄي ملڪ جون نظ??ون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا سمورا ايم اين ايز غدار آهن ان حوالي سان اسان??ي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو اسان پڻ ڏسنداسين ته ڪير غدار آهي، ت??ري?? انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ملڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي قبول ڪيو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ بينچ بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري جو الزام لڳايو ويو آهي، ??ڌايو وڃي ته غدار ڪير آهي