اسلام آباد – 16 – مئي (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف صوبن ??ار??ن ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي ??ڪو??ت خيبرپختونخوا ??ڪو??ت جي به هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ ??ڪو??ت جو فرض ??هي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي ??ڪو??ت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي ??ڪو??ت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي ??ڪو??ت خيبرپختونخوا ??ڪو??ت جي به هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض ??هي. وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.