ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀا??تي فوج جي گهيري ۾ آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري آهي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشم??ري?? تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪش??ير?? پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها ڪشم??ري?? جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪش??ير?? عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪش??ير?? ڀا??رن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀا??ت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ ڪش??ير?? عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.