اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سي??يئ?? اڳواڻ مح??د يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ تي حملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀا??ت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده بڻائي. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀا??ت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ چيو ته ڀا??ت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آهي، هو نه رڳو ڀا??ت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سلامتي جي لاءِ به سي??يورٽي خطرو آهي. هن چيو ته ڀا??ت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام نه ڪرڻ تي ڀا??ت جي مذمت ناڪافي آهي. مح??د يوسف نقاش چيو ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀا??تي حڪمرانن پاران کنيل قدمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڀا??ت جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. مح??د يوسف نقاش چيو ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ قتلام ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀا??ت پنهنجو هو?? وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏيل قومن جي ذريعي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.