ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رس??ن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن ??تي موجود سياحن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهول??ن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن ??ان مليو آهيان، انهن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، انهن کي انهن ??ي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا موجود آهن ??ن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رس??ن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رس??ن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.