نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو ??ائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو ??ائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو ??ائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين ت?? افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر پا??ان افسوس ۽ همدردي جي ا??هار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري ا??اري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.