اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪ??تا?? ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد ??اجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪ??تا?? جي ليجنڊ ڪ??ڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزا??ي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد ??هي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪ??تا?? ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پاڪ??تا??ين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪ??تا?? ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد ??و واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪ??تا??ي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.