استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يم???? ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو. هن چي?? ته اي سي او بئنڪ سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي چي?? ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان مالي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي ??مد??د انتهائي اهم آهي. هن چي?? ته ??يم???? ملڪن جي ترقياتي منصوبن ۾ اي سي او بئنڪ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملاقات دوران اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آگاهه ڪندي ٻڌاي?? ته بئنڪ پاڪستان کي 150 ملين يورو جو قرض ڏيندي. هن چي?? ته اهو فنانشل پئڪيج ??وڏ سٽيلن جي ??مد??د ۽ تيل جي درآمد تي خرچ ٿيندو. وزيراعظم اي سي او بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو.