اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي عالمي برادري ??ان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو ??نه?? جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان ??هچ??ئيندو. پاڪستان عالمي برادري ??ان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايون ٿا ۽ 1967ع ??ان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ??نه?? جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.