اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هي?? اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪند?? او آءِ سي ميمبرن جي ??ائيدار واڌويجهه ۽ ترقي جي ??اءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻ جي ??اءِ ”مستقبل بابت ڪميٽي“ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي. او آءِ سي پرڏيهي واري ڪائونسل جو 49 هو?? اجلاس 16 – 17 مارچ 2023ع تي موريطانيا ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان جي ??دي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي موريطانيا جي ??رڏيهي وزير محمد سالم اولد مرزوگ جي ??وا??ي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪائونسل جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسلامي امت جي اتحاد جي اهميت ۽ امن، سلامتي ۽ ترقي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ او آءِ سي جي ڪردار تي زور ڏنو. هن فلسطين ۽ ڪشمير ک?? او آءِ سي جي گڏيل سببن طور اجاگر ڪيو ۽ افغانستان جي ??اڻهن لاءِ عالمي حمايت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ??اءِ او آءِ سي جي ??سلسل حمايت کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ٺوس قدمن تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي جي خلاف او آءِ سي جي ??دمن جي حمايت ڪئي. هن تجويز پيش ڪئي ته او آءِ سي ميمبرن کي پائيدار واڌويجهه ۽ ترقي جي ??اءِ هڪ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻ جي ??اءِ ”مستقبل بابت ڪميٽي“ جوڙي وڃي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب تڪرار جي حل ۾ او آءِ سي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. ان دوران پرڏيهي وزير آذربائيجان، بحرين، مالديپ، موريطانيا، عمان ۽ سعودي عرب جي ??رڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير سان يو اين ا?? او سي جي اعليٰ نمائندي ۽ عورتن جي ترقي واري اداري جي سيڪريٽري جنرل پڻ ملاقات ڪئي.