اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نق??ان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم لينڊ سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن و??قع?? ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.