اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي ??ان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ??ه سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي ??فيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو ز??داري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي ??هد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پ??چايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.