اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن کان خطرو آهي ثبوت ڏي نه ته پنهنجو وات بند رکي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ٺاهي وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ کان وهيل چ??ئر جو ڊرامو رچا??ي ٿو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي دماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چيو ??ه وهيل چ??ئر تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثبوت پيش ڪري ته ان جي حياتي کي ڪنهن ڪنهن کان خطرو آهي. هن چيو ته عمران خان کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ڪيس کان آهي ان لاءِ گول??، پلستر، دٻي، وهيل چ??ئر ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن به عدالت گهرا??ي ٿي ته هو گول??، پلستر، معذوري، بالٽي دٻي جو بهانو بڻا??ي ٿو ۽ هاڻي وهيل چ??ئر جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ ئي پنهنجي حڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي وڌو، سائفر جي ڊرٽي راند کيڏي، بعد ۾ آمريڪا کان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي وڌو، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي گهرن مان ڪڍڻ کان اڳ پاڻ ته گهر کان ٻاهر نڪري. اڳ ۾ ڪاري بالٽي مان منهن ٻاهر ڪڍڻ جو اعلان ڪر??، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس جي تصوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمران خان ڏني هئي.