اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ب??وچ??تان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت ب??وچ??تان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمو??ا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ب??وچ??تان جي شاگردن جي شڪايتن جي ح??ال?? سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزيراعظم کي ب??وچ??تان سان ت??لق رکندڙ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي ح??ال?? سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي ح??ال?? سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کن??ا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت ب??وچ??تان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ب??وچ??تان جا سمو??ا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ح??ال?? سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کن??ا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته ب??وچ??تان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته ب??وچ??تان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. ب??وچ??تان جي شاگردن جي شڪايتن جي ح??ال?? سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.