اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيصل آباد جي سينيئر پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪندي چيو ته شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي جي خب?? ٻڌي دلي صدمو پهتو، هو وڏي خوبين وارو اڳواڻ هو. هن چيو ته مرحوم شهادت علي خان بلوچ جي پارٽي جي لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي، الله تعاليٰ شهادت علي بلوچ مرحوم جي م??فرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي.