اسل??م آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالا??ي واري وزارت جي ڊيجيٽل پا??ستان بابت سائبر سيڪيورٽي منصوبي جي لاءِ 54 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن. ان منصوبي جو مقصد ڊيٽا چوري ۽ ٻين حوالن سان سيڪيورٽي کي مستحڪم بڻائڻ آهي. اهو منصوبو ڊي ڊي ڊبليو پي 31 مارچ 2021ع تي منظور ڪيو هو جنهن ج?? مجموعي ڪاٿو هڪ ارب 92 ڪروڙ 28 لک 64 هزار رپيا لڳايو ويو هو. حڪومت اهو منصوبو پنهن??ي وسيلن سان مڪمل ڪندي.