اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث ڪالهه به جاري رهي. ان دوران ميمبرن گذريل حڪومت جي معاشي تباهه ڪارين باوجود متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي معاشي ٽيم کي مبارڪباد ڏني. بجيٽ ۾ آبادگارن، پورهيتن ۽ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو وي وآهي جنهن سان انهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. بجيٽ ۾ زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويو آه??، ان شعبي تي ڌيان ڏئي اسان بحرانن مان نڪري سگهون ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ايم ڪي?? ايم جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني آئين جي حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته ملڪ جي هر شهريءَ کي هڪجهڙا حق ۽ آزادي حاصل آه??، اسان جي سياسي اڳواڻن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو، 9 مئي جي واقعن بعد به سزا نه ڏني وئي. هن چيو ته عوامي مسئلا ساڳيا برقرار آه??، اسان حڪومت جا اتحادي آه??ون پر اسان انارڪي نٿا چاهيون ۽ نٿا چاهيون ته ملڪ کي نقصان ٿئي. هن چيو ته بجيٽ بڻائڻ وقت اسان کان راءِ نه گُهري وئي، بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ طريقيڪار واضح نه آه??. 1100 ارب کان وڌيڪ جي ترقياتي بجيٽ ۾ ٽيڪس حاصل ڪرڻ وارن شهرن لاءِ وڌيڪ منصوبا رکڻ جي ضرورت هئي، جن شهرن مان اسان 92 کرب ٽيڪس حاصل ڪري رهيا آه??ون ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب رپين رکيا پيا وڃن. هن چيو ته مهانگائيءَ جو هدف 21 سيڪڙو ٻُڌايو پيو وڃي پر حقيقي شرح ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آه??. دفاع جي بجيٽ ۾ اضافو ڪي?? وڃي ڇاڪاڻ ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آه??، بي آءِ ايس پي لاءِ 450 ارب جي رقم رکيل آه?? جيڪا سٺو سنوڻ آه??، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر چوڌري محمد اشرف چيو ته ننڍا ڊيم بڻايا وڃن. نهرن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي سستي ترين بجلي حاصل ٿي سگهي ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏني وڃي. متبادل ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ڀاڻ تي ٽوڪن جو سلسلو ڪامياب نه رهيو، ان لاءِ بهتر آه?? ته ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪيڙي مار دوائن جي ڪا فيڪٽري پاڪستان ۾ ناهي، هيءَ پيداوار پاڪستان ۾ هئڻ گهرجي. شميم آرا پنهور بجيٽ ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ ۾ پگهارن ۾ اضافو سٺو سنوڻ آه??. ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ به سوچڻو پوندو. هن چيو ته آبادگارن لاءِ قرض جي حد ۾ اضافو ۽ زريع ٽيوب ويلز کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي شعبي کي هٿي حاصل ٿيندي. نزهت پٺاڻ چيو ته موجوده مشڪل حالتن ۾ حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪي?? آه??. هن وقت عالمي سطح تي مهانگائي ۽ ٻيون معاشي مشڪلاتون موجود آه??. اسان حڪومت جي معاشي ٽيم کي متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن بجيٽ ۾ استعمال ٿيل ڪپڙن تي ٽيڪس جي ڇوٽ جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته اسان جي ماڻهن کي امداد ڏيڻ بجاءِ کين روزگار ڏيڻ تي توجهه ڏنو وڃي. هن 9 مئي جي واقعن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته گذريل سال آيل ٻوڏ سان متاثر علائقن جي ماڻهن کي اڃا به ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي رهيا آه??، متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪي?? وڃي، بجيٽ ۾ آءِ ٽي ۽ زراعت لاءِ مراعتون سٺو سنوڻ آه?? پر اسان کي ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته کاري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شيل سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جو اعلان ڪي?? آه?? جنهن سان ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. هن چيو ته ٻوڏ سان سنڌ م زرعي شعبو بُري طرح متاثر ٿيو آه??، اهو شعبو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هارين کي زرعي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي تقسيم جي معاهدي مطابق پاڻي فراهم ڪي?? وڃي. مولانا ڪمال الدين چيو ته قرضن جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪي?? وڃي، جيستائين اسان پنهنجي ادارن کي ڪنٽرول ۾ نه آڻينداسين ان وقت ت??ئين قرضن جو ناسور جاري رهندو. هن چيو ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آه?? جيڪي ماڻهو ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث آه?? انهن کي ايف بي آر جي اهلڪارن جي معاونت حاصل آه??، اهڙيءَ طرح اسمگلنگ ۾ به اهلڪارن جي معاونت شامل هوندي آه??، اسان کي قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ وارن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، اسان کي بلوچستان جي بنجر زمين وارن علائقن کي پوکيءَ لائق بڻائڻو پوندو، ڪڇي ڪي??ال جا فيز ون ٺهي چڪو آه??. فيز ٽو تي اڃا ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آه??. هي منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب ايندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر طاهر اورنگزيب چيو ته بي آءِ ايس پي جو فائدو پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي ٿيڻ گهرجي. بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي ترقي هئڻ گهرجي. بلوچستان ۽ ايران جي سرحد تي هڪ مارڪيٽ بڻائي وئي آه?? اتان روينيو ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿ??ندا. اتحادي پارٽين سمورن اختلافن باوجود ملي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ جي مفاد کي مٿاهون رکيو. نواز شريف ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سمورين ڌُرين کي هڪ ميز تي ويهاريو، دهشتگردن کي ٻيهر متحرڪ ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، وزير پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪم ڪندا آه??. اتحادي حڪومت جي ڪوشش سان پاڪستان سفارتي لحاظ کان دنيا ۾ اڪيلائيءَ کان نڪري آيو آه??، اطلاعات واري وزارت طرفان صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس فنڊ جو قيام اهم اڳڀرائي آه??. پ پ جي عورت ميمبر شما النساء بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پاڻي جي رسد لاءِ گريٽر واٽر اسڪيم لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. آبادگار دوست بجيٽ تي حڪومت مبارڪبن جي حقدار آه??. 50 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ اهم منصوبو آه??. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ رليف اهم آه??. مسرت رفيق مهيسر چيو ته مشڪل حالتن ۾ حڪومت سٺو بجيٽ ڏنو آه?? ۽ پورهيتن ۽ـ آبادگارن کي بهتر قدم کنيا ويا آه??. هن چيو ته 9 مئي جي مجرمن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي، ان روش جي مذمت ڪريون ٿا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري هڪ وڏي آباديءَ کي رليف ڏنو ويو آه??، هي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا.