اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. روسي وفد جي قي??دت نائب پرڏيهي وزير اينڊري روڊينڪو ڪندو جيڪو 20 ۽ 21 جون تي اسلام آباد جو دورو ڪن??و. ??رڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قي??دت ڪن??و. ??رڏيهي آفيس موجب ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن جي نشاندهي ڪنديون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.