ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪستان ۽ جاپان هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙي علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ”ايشيائي ڏس ۾ پاڪستان ۽ جاپان“ جي موضوع تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان ايشيا کنڊ جي مختلف ڪنڊن ۾ موجود آهن جڏهن ته خطي جي لاءِ انهن جي موقف ۽ ويزن ۾ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته ??اڪستان کي هڪ اسرندڙ ملڪ طور تي سنگين اقتصادي ۽ ماحولياتي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان وٽ سرد جنگ جي طرز جي بلاڪ سياست جي لاءِ وقت نه آهي، اسان پنهنجي 230 ملين ماڻهن کي روزگار ۽ خوشحالي جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي اقتصادي رابطن کي فروغ ۽ واڌويجهه جي شرح کي وڌائي سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??و پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي بهتر رابطي جي لاءِ ان ويزن جو هڪ اهم حصو سمجهي ٿو، پاور سيڪٽر ۾ چيني سيڙپڪاري پاڪستان جي لاءِ ان وقت ڪارائتي ثابت ٿي جڏهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بندش درپيش هئي جنهن صنعتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته سي پيڪ ۽ ٻين چيني منصوبن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي صنعتي، زرعي ۽ توانائي جي شعبن ۾ پيدا ٿيندڙ موقعا ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ مخصوص نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپاني فرمن کي پاڪستان ۾ ڪاميابي ۽ منافعي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ انهن جي مهارت ڪنهن کان پٺتي نه آهي. هن چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وسيع ۽ گهڻ رخو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ۾ تعاون جا تمام گهڻا امڪان آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ هڪ ٻي هڪجهڙي حيثيت به ساڳي آهي ڇو ته ??نهي وٽ اهم ۽ ڏورانهن سامونڊي مفاد رکندڙ سامونڊي رياستون آهن. هن چيو ته ??اڪستان کي ڊگهي عرصي کان عربي سمنڊ جي سيڪيورٽي ۾ هڪ ڌر طور تسليم ڪيو ويو آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ??اڪستان گهڻ قومي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 جي ڪيترائي ڀيرا قيادت ڪئي آه??، پاڪستان جي معاشي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بليو اڪانومي جي ترقي تمام ضروري آهي، اسان جاپان جي مدد سان ان شعبي ۾ تمام گهڻو اڳ??ي وڃڻ جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته جيس??ائ??ن ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم نه ٿيندو ان وقت ??ائ??ن علائقائي رابطن ۽ واپار جي خواهش پوري نه ٿيندي. هن چيو ته ??اڪستان جو موقف سدائين واضح رهيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت ??ائ??ن امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جيس??ائ??ن خطي جو بنيادي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ڳالهه ٻولهه ذريعي، گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي اصولن موجب حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته ??اڪستان سدائين ان تڪرار جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ??اڪستان وٽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪو حصيدار نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت مذهبي جنون جي لپيٽ ۾ آهي جنهن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه حيرت انگيز ۽ مايوس ڪندڙ آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ هڪ تمام ننڍي پاريسري جي خلاف ان جي اشتعال انگيزين تي عالمي برادري خاموش آهي. افغانستان بابت هن چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان جا افغانستان ۾ هڪ جهڙا مفاد آهن، افغانستان جي امن ۽ استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جا مفاد آهن، جاپان افغانستان جي سڀ کان مستحڪم اقتصادي حصيدارن مان هڪ رهيو آهي جنهن جي تاريخ ان وقت کان آهي جڏهن هن افغانستان جي نئين سر تعمير جي لاٰ 2002ع ۾ ٽوڪيو ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي. هن چيو ته تازو ئي جاپان افغان عوام کي اهم امداد فراهم ڪئي آهي ڇو ته ??و سنگين انساني ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آه??، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ترقياتي امداد ۾ جاپان جي مهارت ۽ افغانستان سان پاڪستان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ انساني امداد جي فراهمي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته علائقائي قدمن تي تعاون ڪندي پاڪستان ۽ جاپان سارڪ جي ترقي کي پڻ متحرڪ ڪري سگهن ٿا، گڏيل ڪوششون ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي استحڪام کي وڌائڻ ۽ سارڪ جي ميمبر ملڪن جي غيراستعمال ٿيل صلاحيتن کي کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون جنهن سان پوري خطي جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان ۽ جاپان علائقائي اهميت جي مسئلن خاص طور تي تڪرارن جي حل، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلين ۽ عالمي صحت جي بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اهو ثابت ڪيو ته ??اڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي، ان قدرتي آفت کانپوءِ پاڪستان عالمي ڌيان انهن ملڪن جي خراب حالت طرف ڇڪرايو جيڪي موسمياتي تبديلين جو شڪار آهن، اسان نومبر 2022ع ۾ شرم الشيخ ۾ منعقد ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي ڪاميابي سان اڳ??ي وڌائڻ ۾ جي – 77 ملڪن جي قيادت ڪئي. هن چيو ته اسان ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 77 ملين ڊالر جي امداد جي عزم تي جاپان جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ زلزلي سٽيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فالٽ لائينز ان کي خاص طور تي زلزلن جي لاءِ حساس بڻائين ٿيون. هن چيو ته ??قينن جاپان پنهنجي شروعاتي تنبيهه واري نظام ۽ آفتن جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ مشهور آه??، پاڪستان کي ان حوالي سان جاپان جي تجربي ۽ مهارت مان سکڻ جي اميد آهي. هن چيو ته ??ين ايشيائي ملڪن وانگر پاڪستان ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ جاپان جي مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، پاڪستان مان جاپان کي هنرمند ليبر جي برآمد جاپان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿ??، پاڪستان وٽ انتهائي هنرمند پيشيور ماڻهو وڏي انگ ۾ آهن. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پڻ ساراهيو جنهن ايشيائي ملڪن جي ترقي ۽ مالياتي ادارن کي ٺاهڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي لاءِ جاپان جي حمايت ان امداد سان هڪ جهڙائي رکي ٿي جيڪا جاپان ايشيائي ملڪن بشمول پاڪستان کي ان جي ترقي جي سفر کي اڳ??ي وڌائڻ ۾ فراهم ڪئي آهي.