نوابشاھه-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ض??عن ۾ امڪ??ني تيز هوائن ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو فياض حسين راهوجو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسزڊاڪٽر غلام مصطفى، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر دلشاد احمد عمراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر محمد عباس بلوچ چيو ته موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ ڊويزن ۾ ۾ تيز برساتن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ا??هي لاءِ ٽنهي ض??عن جا ڊپٽي ڪمشنر امڪ??ني برساتن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن جڏهن ته پنهنجي ض??عن جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ جو پابند بڻائين هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلع ۽ تعلقي سطح تي ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سميت گهربل مشينري کي فعال بڻائين جڏهن ته ضلع جي ننڍن وڏن شهرن مان فوري طور تي بل بورڊ هٽائڻ، پمپنگ مشينن کي چالو حالت ۾ رکڻ، ڊرينيج نالن جي صفائي ۽ زبون جائين کي خالي ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کڻن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته امڪ??ني برساتن جي پيش نظر ڪمشنر آفيس ۽ ٽنهي ض??عن جي ڊي سي آفيسن ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ڪمشنر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي قائم دولتپور اسپتال سميت ٽنهي ض??عن جي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به ايمرجنسي کي فوري طور منهن ڏئي سگهجي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سڪيريٽرين کي پابند بڻائين ??ه برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کڻن اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو چيو ته امڪ??ني برساتن جي پيش نظر ٽنهي ض??عن جي ايس ايس پيز کي ض??ع انتظاميه سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيو ويون آهن اجلاس ۾ ٽنهي ض??عن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران سامونڊي طوفان کانپوءِ امڪ??ني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.