لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن ۽ مشهور ڪ??رو??اري شخصيتن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ملڪ ۾ ڪ??رو??ار دوست ماحول ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين جي حوالي سان چيمبر جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم چيمبر جي ميمبرن ۽ مشهور ڪ??رو??اري شخصيتن جون تجويزون به ٻڌندو. بعد ۾ وزيراعظم جهنگ جو به دورو ڪندو. وزيراعظم جهنگ ۾ 1244 ميگاواٽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو. حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ ساليانو 10 ارب يونتن مان 25 لک گهرن کي روشن ??ندو. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.