اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايٿوپيا سان واپاري ۽ ??قت??ادي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ رابطن کي آسان بڻائڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ ايٿوپ??ا جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مفادن ۽ عالمي فورمز تي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايٿوپيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميان عاطف شريف سان ملاقات دوران ڪيو. هن سفير تي زور ڏنو ته هو پاڪستاني مصنوعات جي درآمد جي لاءِ ايٿوپ??ا جي واپا??ين تائين پهچ ڪري ايٿوپيا سان واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ايٿوپيا سان واپاري ۽ ??قت??ادي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ايٿوپ??ا جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي آسان ۽ بهتر بڻايو وڃي. نامزد سفير پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ايٿوپيا سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ايٿوپ??ا جا شاگرد پنهنجي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين/ وڊيو تعليمي مواد مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ت?? پاڪستان ۾ ايٿوپ??ا جا نوجوان سفارتڪارن جي تربيت، بئنڪنگ ڪورسز سان ايٿوپيا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ اسلامو فوب??ا جي تدارڪ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نامزد سفير ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين، ظلمن کي اجاگر ڪندو. صدر چيو ته نامزد سفير ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي به اجاگر ڪندو.