لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪ??ز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وز??را??ظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا ا??له جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وز??را??ظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وز??را??ظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ ا??له ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وز??را??ظم جيو جي ڪيمرامين سميع ا??له سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وز??را??ظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.