نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پاڪست??ن جي سماجي ۽ ا??تص??دي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري ب??ان موجب نگران وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي پي اين اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريح??ن جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيرا??ظم پاڪستان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائي، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريح??ن جي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايپنا مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن اي پي پي اين اي کي پاڪستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل ايجوڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄائي آمريڪي پاڪست??ن جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تسليم ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيرا??ظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آمريڪا ۾ پاڪست??ن جو اصل چهرو ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن وفد کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ??خت?? عزم جو يقين ڏياريو. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وزيرا??ظم سان ملاقات تي ٿورا مڃيا ۽ نگران وزيرا??ظم کي پاڪستان ۾ سماجي ڀلائي، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي پي اين اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.