اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار است??با?? ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون انهن تي ع??لدرآمد ج?? لاءِ پاڪست??ن ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي ع??ام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.